پير راڄن شاهه جي مزار

پير راڄن شاهه جي مزار: چوهڙ جمالي تعلقي سجاول جي ويجهو ابن شاهه جي ٽڪرن جي ڀر ۾ هڪ ٻئي ٽڪر تي، پير راڄن شاهه جو روضو آهي، هي بزرگ شاهه عبيدالله ملتاني غوثيءَ جي اولاد مان هو. هيءَ قبر اول ديهه راڄن، ۾ هئي، جتان درياهه جي اٿل جي ڪري منتقل ڪري موجوده هنڌ رکيو ويو، پير راڄن شاهه وڏو ولي الله ٿي گذريو آهي. ڪڪرالي جا ڪجهه ڄام سندس ئي تبليغ هيٺ اسلام ۾ داخل ٿيا هئا، اهي سڀئي درگاهه جا مريد آهن ۽ پير صاحب جي اولاد مان گهڻن کي پنهنجين نياڻين جا سڱ به ڏنا اٿن، انهن ڄامن جي اسلام ۾ اچڻ ۽ پير صاحب جي مريديءَ ۾ داخل ٿيڻ بابت عام روايت آهي ته: ڄامن جي وڏن ڏاڏن مان ڄام گنگا ڪيهر، ڪڪرالي جو حاڪم هو، هي ڄام راڄن شاهه جي ڪرامت کان متاثر ٿي، سندس مُريد ٿيو ۽ پوءِ سڀئي ڪيهر سندس مريد ٿيا، پير راڄن شاهه هڪ وڏو شاعر به هو، سندس سينگار جا بيت لغوي ذخيري، زبان جي لطافت ۽ شاعرانه خوبين جي ڪري مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو